اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر کي هڪ ڀيرو ٻيهر چوان ٿو ته سڌارن جي لاءِ عدالت بدران اسپيڪر آفيس اچن، توهان جي تجويزن جي آجيان ڪن??اسين، اي وي ايم جي نظام کي اڳ ۾ صرف سمجهو توهان جا سمورا خدشا ختم ڪن??اسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پا??ستانين جي ووٽ جي حق کان پٺتي نه ٿا هٽي سگه??ن، اهو اسان جو چونڊ واعدو هو. هن چيو ته شريف، زرداري فيملي جي سياست ماضي جو قصو آهي، هاڻي مخالف ڌر ۾ به نئين رانديگرن جو وارو آهي. ايندڙ ٻه سال پا??ستان جي تاريخ ۾ ايندڙ ٻن ڏهاڪن جي سياست طئي ڪن??ا. هن چيو ته 1990ع جي ڏهاڪي جي سياست جو مڪمل خاتمو ايندڙ ٻن سالن ۾ طئي آهي.