اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته مولانا فضل الرحمان جو اقتدار ۾ اچڻ بدقسمتي ٿيندي، جي يو آءِ جهڙيون پارٽيون پي ٽي آءِ جو متبادل نه ٿيون ٿي سگهن، جيڪي ماڻهو عورتن جي حقن جي خلاف هجن، مذهبي طور تي پرتشدد پاليسي جا حامي هجن، انهن کي اقتدار ملڻ ڪنهن به معاشري جي لاءِ حوصلي جوڳو نه آه??، اڳوڻي حڪومتن ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو، نواز دور جي مهانگن معاهدن جي ڪري بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، 55 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آه??، عمران خان وفاق جو ليڊر آه??، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ جي ليڊرشپ جو پنهنجو ڪو قد نه آه??، اهڙي قسم جا سياسي ڄامڙا عمران خان تي تنقيد ڪري پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تحريڪ انصاف قومي پارٽي آه??، اڄ ملڪ جا معاشي انگ اکر مثبت آه??، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ۾ 30 سيڪڙو گروٿ ٿي، گاڏين جي وڪري ۾ اضافو ٿيو، سمورين فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، پاڪستان ڪورونا جو بهتر طريقي سان مقابلو ڪيو، ويڪسي نيشن ۾ پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن کان تمام اڳتي آه??، عام چونڊن ۾ اي وي ايم جي استعمال جي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. وفاقي وزيرن جو وفد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪندو، وفاقي ڪابينا اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 122 (6) ۾ ترميم، ناڻي واري وزارت جي سفارش تي انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي ڪائونسل تي سرڪاري نامزدگين ۽ اسلام آباد پوليس ايڪٽ 2021ع جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏني ۽ اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 16 ۽ 17 ڊسمبر 2021ع تي ٿيل اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت کي افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ او آءِ سي جو خصوصي اجلاس ڪاميابي سان منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري اجلاس جي ذريعي پاڪستان جو افغانستان تي موقف دنيا تائين پهتو. ايندڙ سال مارچ ۾ او آ3 سي جو فارمل سيشن پڻ پاڪستان ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آه??. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي واري وزير کي چيو اهي ته اهي اي وي ايم تي چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪن. ڪابينا ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي خريداري اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آه??. ڪابينا کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ملڪ جي سمورين پولنگ اسٽيشنن تائين پهچ ۽ استعمال ۽ عملي جي تربيت جي حوالي سان شيڊيول تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ووٽ جو اختيار ڏيڻ جا قانون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن سان منعقد ڪرائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران اسلام آباد جي بلدياتي چونڊن جي لاءِ 3900 کان 4000 اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ۾ معاونت جو چيو ويو آه??، اليڪشن ڪميشن سان ان ڏس ۾ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ان ڏس ۾ ٽينڊر جاري ڪري ته جيئن اي وي ايم خريد ڪري سگهجن ۽ ايندڙ چونڊون اي وي ايم تي ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ٿي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت سمورا اقتصادي انگ اکر مثبت آه??، ملڪي معاشي صورتحال ۾ واضح طور تي استحڪام نظر اچي رهيو آه??. هن چيو ته رڳو هن سال اسان کي 12.27 بلين ڊالر قرض واپس ڪرڻو آه??، 2023ع ۾ به 12.5 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو پوندو. اهو قرض نواز شريف ۽ زرداري جو ورتل آه??، اسان کي مجموعي طور تي 55 ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آه??. اڄ جيڪي ماڻهو اسان کي ڀاشن ڏئي رهيا آه?? انهن ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو. هن چيو ته اڄ ملڪ ۾ معاشي صورتحال بهتري طرف گامزن آه??، ٽيڪسٽائيل سيڪٽر ۾ 30 سيڪڙو گروٿ ٿي، گذريل سال آءِ ٽي ايڪسپورٽس 47 سيڪڙو هئي، هن سال 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي آه??، اميد آه?? سال ختم ٿيڻ تائين اها ٻيڻي ٿيندي. هن چيو ته انڪم ٽيڪس ۾ 31 سيڪڙو اضافو ٿيو، سمورين فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، هڪ سال جي اندر في ايڪڙ پوکيءَ ۾ اضافي کي جدا ڪيو وڃي ته ان سان 1100 ارب رپين جي اضافي آمدني آبادگارن کي ملي آه??. ان مان معيشت ۾ گروٿ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ويڪسين گهرائڻ تي تمام وڏو خرچ آيو آه??، پاڪستان ويڪسين ۾ باقي ملڪن کان تمام اڳتي آه??، پاڪستان جهڙي طرح ڪورونا جي جنگ وڙهي آه??، ان جو ڪو مقابلو نه آه??. هن چيو ته اسان 134 ارب رپين جُون آءِ پي پيز کي ادائيگيون ڪيون آه??، اهي ادائيگيون شهباز شريف ۽ نواز شريف جي دور ۾ ڪيل معاهدن جي ڪري ڪيون ويون، انهن درآمدي فيول تي مهانگا پلانٽس لڳايا جنهن جي نتيجي ۾ اڄ بجلي جي قيمت مهانگي آه??. هن چيو ته اسان کي اهي خرچ به ڏيڻا پون ٿا جيڪي خرچ ٿين ئي نه ٿا، جيڪڏهن بجلي جي ڊيمانڊ نه آه?? ته آءِ پي پيز جي ڪيپسٽي موجب اسان کي بجلي جا چارجز ڏيڻا پون ٿا. هڪ آءِ پي پي 100 ميگاواٽ بجلي ٺاهي سگهي ٿو ۽ اسان جي ضرورت 25 ميگاواٽ آه?? ته اسان کي 100 ميگاواٽ بجلي جا پئسا ڏيڻا پون ٿا. هن چيو ته انهن معاهدن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو مسلسل نقصان ٿي رهيو آه??، 2023ع ۾ اهو نقصان وڌيڪ وڌندو، ان ۾ اسان کي اربين رپيا ڏيڻا پوندا. هن چيو ته ڪپهه جي فصل ۾ 19.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آه??، 8.5 ملين ڳٺڙيون پيدا ڪيون وينديون، چانور جي 8.8 ملين ٽن پيداوار ٿي آه?? جيڪا پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي پيداوار آه??. ڪمند جي فصل ۾ 88.1 ملين ٽن پيداوار ٿي آه??، اها به پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي پيداوار آه??. هن چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار گذريل سال 27.3 ملين ميٽرڪ ٽن ۽ مڪئي 8.5 ملين ٽن هئي. هن چيو ته آٽو پاليسي جي ڪري آٽو جي شعبي ۾ به بهتري آئي آه??. هن وقت پاڪستان ۾ 2 لک 40 هزار گاڏيون تيار ٿي رهيون آه??، اسان جو ٽارگيٽ آه?? ته اسان 5 لک گاڏين جو هدف حاصل ڪريون، ان جي نتيجي ۾ پوري انڊسٽري ۾ ترقي ٿيندي، اصل ڪاميابي اها ئي هوندي ته اهي ڪارون پاڪستان ۾ تيار ٿين. هن چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ ڪار مينوفيڪچررز جو انگ 5 مان وڌي 15 ٿي ويو آه??، ڪار مينوفيڪچرنگ جي شعبي ۾ نيون سيڙڪاريون ٿي رهيون آه??، بئنڪن ڪا فائنانسنگ جي شعبي ۾ آڪٽوبر 2021ع تائين 240 ارب رپين جي فائنانسنگ کي وڌائي 338 ارب رپيا ڪيو. گذريل 5 مهينن دوران هڪ لک 11 هزار 435 ڪارون تيار ٿيون جڏهن ته گذريل سال 65 هزار 998 ڪارون تيار ٿيون هيون، ڪارن جي مينوفيڪچرنگ ۾ هن سال 69 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته 85 سيڪڙو موٽرسائيڪلون پاڪستان ۾ تيار ٿي رهيون آه??، نا جا پرزا به مقامي طور تي تيار ڪيا وڃن ٿا، موٽرسائيڪلن، جيپن، ٽريڪٽرن ۽ ڪارن جي وڪري ۾ تاريخي اضافو ٿيو، سوزوڪي ڪلٽس جي وڪري ۾ 161 سيڪڙو، سوزوڪي ويگن آر جي وڪري ۾ 79 سيڪڙو، سوزوڪي بولان جي وڪري ۾ 32 سيڪڙو، سوزوڪي آلٽو جي وڪري ۾ 180 سيڪڙو اضافو ٿيو آه??. هن چيو ته ٽويوٽا ڪمپني رڳو جولاءِ جي مهيني ۾ 6775 يونٽس تيار ڪيا. هن چيو ته بجلي جي کپت ۾ 13 سيڪڙو، ڊيزل جي کپت ۾ 26 سيڪڙو اضافو ٿيو آه??، هاڻي سوال اهو آه?? ته اڪانومي جيڪڏهن هيٺ وئي آه?? ته پوءِ انهن شين ۾ اضافو ڪيئن ٿيو آه??؟ هن چيو ته پاڪستان ۾ اقتصادي انگ اکر مثبت وڃي رهيا آه??، جڏهن معاشي گروٿ هجي ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر، زرعي شعبي ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا به پيدا ٿين ٿا. هن چيو ته اسان جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 20.3 ارب ڊالر مان وڌي 25.2 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيا ويا آه??، روانگي واپار جي ڪاٿي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو آه??، ان کانسواءِ پرائيويٽ ڪاروبارن ۾ 44 سيڪڙو اضافو ٿيو آه??، هن وقت پاڪستان ۾ 2 لک ڪمپنيون ايس اي سي پي سان رجسٽرڊ آه??، انهن مان هڪ لک 50 هزار ڪمپنيون گذريل ٽن سالن ۾ ٺهيون آه??، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ ڪهڙي طرح اضافو ٿي رهيو آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 122 (6) ۾ ترميمون ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني. اها ترميمون سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ ڪيون ويون آه?? ۽ ترميمن جو مسودو ڪابينا جي قانون بابت ڪميٽي آڏو پيش ٿيندو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ چيو هو ته سينيٽ جو ووٽ ٽريس ايبل هجڻ گهرجي، هارس ٽريڊنگ جا الزام اچن ته اليڪشن ڪميشن کي خبر هجڻ گهرجي ته ووٽ ڪٿان آيو آه??، ان بابت ترميمون پارليامينٽ ۾ وينديون، پارليامينٽ مناسب سمجهيو ته ان کي منظور ڪيو ويندو، ان سان سينيٽ ۾ هارس ٽريڊنگ جو خاتمو ٿي سگهندو. هن ٻڌايو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي ايڊهاڪ، ڊيلي ويجز، ڪانٽريڪٽ ملازمن بابت سمري عدالتي حڪمن تي وفاقي ڪابينا آڏو پيس ڪئي وئي. هن چيو ته ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي ٻاهرئين واپاري قرضن جي ايڪس پوسٽ فيڪٽو منظوري ڏني ۽ انهن جي وياج تي ٽيڪس کان ڇوٽ جي منظوري ڏني. اهي قرض ڊسمبر 2020ع کان نومبر 2021ع دوران ورتا ويا جن جو ڪل ڪاٿو 3.98 بلين ڊالر بڻجي ٿو. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي ڪائونسل تي سرڪاري نامزدگين جي منظوري ڏني. منظوري کانپوءِ آءِ سي اي پي ڪائونسل ۾ ايس اي سي پي چيئرمين، ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بئنڪ سيد نجم علي ۽ فيروز رضوي شامل آه??. ڪابينا انساني حقن واري وزارت جي سفارش تي خيبرپختونخواهه مان نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس آف چائلڊ تي جواد الله کي بطور ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. گهرو وزارت جي سفارش تي پاڪستان قونصليٽ دبئي ۾ مقرر اهلڪار نويد رفيق شيخ جي ننڍي ڀاءُ نعمان رفيق شيخ (اسپيشل پرسن) کي سرڪاري پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. اسلام آباد پوليس کي جديد دور جي گهرجن سان هم آه??گ ڪرڻ ۽ گادي واري شهر ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا اسلام آباد پوليس ايڪٽ 2021ع جي تجويز ڪيل مسودي جي منظوري ڏني. مسودو هاڻي ڪابينا جي قانون بابت ڪميٽي آڏو پيش ٿيندو. ان قانون ۾ خودمختيار پوليس ڪمپلينٽ اٿارٽي، سيفٽي ڪميشن، پبلڪ ليز ان ڪائونسل ۽ ڊسپيوٽ ريزولوشن ڪائونسل قائم ڪرڻ شامل هوندو. ڪابينا ڊاڪٽر شمشاد اختر کي وائيس ايڊمرل زاهد الياس جي جڳهه تي پورٽ قاسم اٿارٽي تي بطور سرڪاري ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. قومي فوڊ سيڪيورٽي پاليسي جي منظوري ۽ عملدرآمد جي لاءِ ڪابينا نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي سفارش تي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ مئنيجمينٽ ڪميٽي ۽ ان جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي تي ميمبر نوٽيفائي ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪميٽي جو چيئرمين وزيراعظم پاڪستان هوندو جڏهن ته منصوبابندي، فوڊ سيڪيورٽي، ناڻي، صنعت وارا وزير، ايف بي آر چيئرمين، سمورا صوبائي وڏا وزير ۽ چيف سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل وفاقي ڊويزنن جا سيڪريٽريز ان ڪميٽي جا ميمبر هوندا. هن چيو ته صوبن ۽ وفاق ۾ 18 هين ترميم کانپوءِ فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا آه??، سنڌ ۾ اڄ به اٽي جو ٿيلهو ساڍا 13 سئو رپين کان وڌيڪ آه??، پوري ملڪ ۾ اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1100 رپيا آه??. هن چيو ته ڪابينا کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ فراهمي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. هن سال پاڪستان جي تاريخ ۾ يوريا جي سڀ کان وڏي پيداوار ٿي آه??. ان جي باوجود شڪايتون اچي رهيون هيون ته ڪيترين ئي جاين تي يوريا دستياب نه آه??، هن وقت ٻاهرئين ملڪ يوريا جي قيمت 10 هزار رپيا في بيگ آه?? جيڪا پاڪستان ۾ 1700 کان 1800 رپيا آه??. وزيراعظم فرٽيلائيزر ڪميٽي جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ ڀاڻ بابت شڪايتون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آه??. هن ٻڌايو ته هن وقت ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڀاڻ جي وڏي مقدار موجود آه??. جڏهن ته ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آه??. ڪابينا سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت جي سفارش تي محمد نجم نواز ثاقب کي رياض سعودي عرب م بطور ڪميونٽي ويلفيئر اتاشي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن چيو ته ڪابينا توانائي واري وزارت جي سفارش تي اخلاق احمد سيد کي جينڪو هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي بطور خودمختيار ميمبر نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا توانائي واري وزارت جي سفارش تي ڄامشورو پاور ڪمپني لميٽيڊ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز تي محمد شفيق الرحمان کي بطور چيئرمين ۽ ارشد علي کي خودمختيار ميمبر نامزد ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا توانائي واري وزارت جي سفارش تي چيف انجنيئر ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) الل?? يار خان کي عاضي طور تي سي اي او ميپڪو مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اها مقرر مستقل سي اي او جي اچڻ تائين قابل عمل رهندي. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 16 ۽ 17 ڊسمبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن هڪ تڪ ۾ هڪ ئي پارٽي جا ٽي کان چار ماڻهو اليڪشن وڙهندا ته اهي اليڪشن هارائيندا، خيبرپختونخواهه جي بلدياتي چونڊن ۾ اڪثر تڪن ۾ اهڙا ئي مسئلا رهيا آه??، انتظامي مسئلن جي ڪري اسان کي خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪجهه ناڪاميون ٿيون، پاڪستان تحريڪ انصاف قومي پارٽي آه??، جي يو آءِ جهڙيون پارٽيون پي ٽي آءِ جو متبادل نه ٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ملڪي سياست ۾ ڪا حيثيت نه آه??، عمران خان وفاق جو ليڊر آه??، (ن) ليگ، پيپلزپارٽي، جي يو آءِ جي ليڊرشپ جو پنهنجو ڪو قد نه آه??، اهڙي قسم جا سياسي بونا عمران خان تي تنقيد ڪري پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ورڪرز جي لاءِ ضروري آه?? ته اهي پنهنجي اختلافن کي وساري عمران خان کي مضبوط ڪن، عمران خان کانسواءِ پاڪستان جي سياست ٽڪرن ۾ ورهائجي ويندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم او آءِ سي جي اجلاس ۾ ڪشمير جو مسئلو اٿاريو، او آءِ سي جو اجلاس مارچ ۾ ٿيڻ وڃي رهيو آه?? جنهن ۾ ڪشمير لازمي حصو هوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل ٻن هفتن ۾ يوريا جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي، هن وقت يوريا جي قيمت في ٻوري 1863 کان گهٽ ٿي 1842 رپيا آه??. عالمي مارڪيٽ ۾ يوريا جي قيمت 10 هزار رپيا في ٻوري آه??. هن چيو ته اسان عالمي قيمت جي مقابلي ۾ پنهنجي آبادگار کي فائدو پهچايو آه??. هن چيو ته توانائي واري وزارت ۽ صنعت واري وزارت جي تعاون سان آبادگارن کي وڏي خرچ کان بچايو ويو آه??. هن چيو ته جتي جتي پاڻي لڳي ٿو اتي يوريا گهرجي، پاڻي هر جڳهه تي گڏ نه ٿو لڳي ان لاءِ يوريا جي کوٽ نه ٿيندي. هڪ سوال تي هن چيو ته جيڪي ماڻهو عورتن جي حقن جي خلاف هجن، مذهبي طور تي پرتشدد پاليسي جا حامي هجن، انهن کي اقتدار ملڻ ڪنهن به معاشري جي لاءِ حوصلي جوڳو نه آه??، مولانا فضل الرحمان جو اقتدار ۾ اچڻ بدقسمتي ٿيندي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مريم نواز جي نئين ٽيپ به هلي رهي آه??، جڏهن به صورتحال خراب ٿي، اسان انهن جي طرف ئي ڏٺو آه?? ته ڪا نه ڪا حرڪت ضرور ڪندا، انهن اسان کي ڪڏهن مايوس نه ڪيو، اڄ جيڪا ٽيپ هلي رهي آه??، انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آه??، هڪ سوال تي هن چيو ته بجلي جي قيمت ۾ اضافو ناهي ٿيو، هڪ مهيني جا فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز آڪٽوبر جي بلن ۾ شامل ٿيا آه??.