اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته فنان?? ترميمي ايڪٽ ۾ غير ملڪي ڊرامن ?? اشتهارن جي لاءِ غير ملڪي ماڊلز وٺڻ تي ٽيڪسن ۾ اضافي جو مقصد پاڪستان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته فنان?? ترميمي ايڪٽ ۾ جتي سينيما ۽ فلم پروڊڪشن ج?? مشينري تي ٽيڪس نه آهي اتي غير ملڪي ڊراما د??آمد ڪرڻ ?? اشتهارن ۾ غير ملڪي ماڊلز وٺڻ تي وڏو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. انهن قدمن جو بنيادي مقصد پاڪستان جي فلمي صنعت ۽ فنڪارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ آهي.