اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ رومانيا واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق بخارسٽ ۾ پرڏيهي ??زي?? م??دو?? ش??هه محمود قريشي جي رومانيه جي پنهنجي هم منصب بوگدان اوريسڪو سان ملاقات ۾ طئي ٿيو. رومانيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر ظفر اقبال به پرڏيهي ??زي?? سان گڏ هو. ملاقات دوران ٻطرفي ??اڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رومانيه جي پرڏيهي ??زي?? بوگدان اوريسڪو رومانيه جي دوري جي دعوت قبول ڪرڻ ۽ رومانيه اچڻ تي پرڏيهي ??زي?? م??دو?? ش??هه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي ??زي?? پاڪستان ۽ رومانيه جي وچ ۾ ويجهي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي ??زي??ن پاڪستان ۽ رومانيه جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين اتفاق ڪيو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ايندڙ دور جلد اسلام آباد ۾ ٿيندو. ٻنهي پرڏيهي ??زي??ن گڏيل اقتصادي ڪميشن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.