اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 1967ع ۾ تربيلا ڊ??م کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ 10 وڏا ڊ??م ٺاهي رهيو آه?? جنهن سان سستي بجلي جي پيداوار ممڪن ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته انهن منصوبن سان پن بجلي جي پيداوار 9500 ميگاواٽ مان 20800 ميگاواٽ ٿي ويندي. هن چيو ته سڀاڻي انشاءَ الله واپڊا جي اهتمام هيٺ آسٽريليا، سوئيٽزرلينڊ، آمريڪا، ترڪيءَ ۽ چائنا سميت ڊيمز جي ماهرن جي عالمي ڪانفرنس ٿيندي.