اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان حڪومت ملندي ئي روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏنو، هلندڙ سال جولاءِ کان فيبروري ايڪسپورٽس جو ڪاٿو 20.552 بلين ڊالرز آهي جيڪو گذر??ل سال جي 16.324 ارب ڊالرز کان 26 سيڪڙو رڪارڊ اضافو آ??ي. مملڪتي وزير پنهنجي ??ڪ ٽوئيٽ ۾ چ??و ته انشاءَ الله هن سال روانگي واپار ۾ تاريخي اضافو ٿيندو. مملڪتي وزير چ??و ته (ن) ليگ جي 5 سالا دور ۾ ايڪسپورٽس وڌڻ بدران گهٽ ٿي وئي هئي.