اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? چوڌري فواد ??سي?? سان پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪ?? چوڌري پرويز الاهي ٽي??يف??نڪ رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان پاران لا??ور جي دوري دوران چوڌري شجاعت ??سي?? جي صحت معلوم ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پيڪا قانون سميت ٻين اهم معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. چوڌري پرويز الاهي اطلاعات واري وفاقي وزير کي پيڪا قانون تي ميڊيا پارٽيز جي خدشن کان آگاهه ڪيو. چوڌري فواد ??سي?? چيو ته پنجاب جو اسپيڪر پيڪا قانون تي ميڊيا ۽ حڪومت جي وچ ۾ ثالث جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. چوڌري فواد ??سي?? چيو ته اسان موثر ريگيوليشن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت تنقيد جي آجيان ڪري ٿي پر تنقيد جي آڙ ۾ ڪنهن جي ذات تي حملو ڪرڻ قطعي طور تي صحيح نه آهي. چوڌري فواد ??سي?? چيو ته پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر جا ميڊيا ڌرين سان جيڪي به معاملا طئي ٿيندا حڪومت انهن تي عملدرآمد ڪندي.