اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??ان پاڪستان تحريڪ انصاف نيويارڪ جي صد?? امجد نواز جي قيادت ۾ وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اوورسيز ڪنوينشن سميت ٻين ??هم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اوورسيز ڪنوينشن ۾ تحريڪ انصاف نيويارڪ جي وفد جي شرڪت تي خصوصي ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير چيو ته حڪومت پرڏيهي پاڪستانين ??ي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آواز بلند ڪيو ۽ انهن ??ي اهو حق ڏنو. تحريڪ انصاف جي صد?? امجد نواز ملاقات دوران چيو ته اوورسيز پاڪستانيز پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، ملڪي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين ??و اهم ڪردار آهي، اوورسيز پاڪستاني ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن ??يو ته اوورسيز پاڪستانيز ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا ساٿي بڻجندا. هن ??يو ته انشاءُ الله مخالف ڌر پنهنجي ارادن ۾ ناڪام ٿيندي ۽ عمران خان هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿيندو.