اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف پشاور موڙ کان ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان مو??عي تي هڪ سادي ۽ پروقار تقريب منعقد ڪ??ي وئي. وزيراعظم شهباز شريف تختي جي نقاب ڪشائي ڪري منصوبي جو افتتاح ڪيو. ان مو??عي تي مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين ج?? اڳواڻ پڻ موجود هئا. 26.5 ڪلوميٽر ان ميٽرو بس منصوبي سان جاڙن شهرن کانسواءِ ٻين شهرن مان ايندڙ هزارين شهري پڻ فائدو کڻندا. تقريب ۾ ترڪيءَ جي سفير کانسواءِ چيني سفا??تخ??ني جو ڊپٽي هيڊ آف مشن پڻ موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف وزارت عظميٰ سنڀاليندي ئي ميٽرو بس منصوبو جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.