اسلا?? آباد – 06 – اپريل (ا?? پي پي) ايوان صدر پاران اليڪشن ڪم??شن آف پاڪستان کي عام چونڊون منعقد ڪرائڻ جي حوا??ي سان خط موڪليو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خط ۾ اليڪشن ڪم??شن کي قومي اسيمبلي جي تحليل جي 90 ڏينهن اندر اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تاريخ ڏيڻ جو چيو ويو آهي، آئين جي آرٽيڪل 48 فائيو اي ۽ آرٽيڪل 224 (2) تحت صدر عام چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ مقرر ڪندو، خط ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي چونڊن لاءِ اسيمبلي جي تحليل جي 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن، عام چونڊن جي تاريخ جي اعلان لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت اليڪشن ڪم??شن سان مشاورت ضروري آهي.