اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عه?? نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد ب?? سلمان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم شهباز ش??يف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مبارڪباد تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد ش??باز ش??يف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ش??زاده محمد ب?? سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد ش??باز ش??يف انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد ش??باز ش??يف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو. وزيراعظم محمد ش??باز ش??يف ۽ سعودي ولي عهد سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد ش??باز ش??يف کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم محمد ش??باز ش??يف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.