مدينه منوره – 28 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي مدينه منوره پهچي ويو. مديني جي گورنر فيصل بن سلمان السعود اعليٰ سعودي عملدارن سان گڏ هوائي اڏي تي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، مفتاح اسماعيل، نوابزاده شاهه زين بگٽي، مريم اورنگزيب، خواجه محمد آصف، چوڌري سال?? حسين، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، محسن ??اوڙ ۽ مولانا طاهر اشرفي به وزيراعظم سان گڏ آهن. وزيراعظم شهباز شريف جو وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ اهو پهرين غير ملڪي دورو آهي، دوري دوران وزيراعظم ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پ??ڪس??اني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حُوالي سان ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم روضه ﷺ تي حاضر?? ڏيندو ۽ عمره جي سعادت حاصل ڪندو. ان موقعي تي ٻئي دوست ملڪ گڏيل دلچسپي جي معاملن خاص طور تي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪندا. پ??ڪس??ان ۽ سعودي عرب ڀائراڻي لاڳاپن ۾ ڳنڍيل آهن جيڪي گ??يل اعتماد ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جي حمايت جي لازوال روايت تي ٻڌل آهن. پ??ڪس??ان جي عوام حرمين شريفين جي متولي کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿي.