اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پولينڊ سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر خا??د حسين ميمڻ سان ملاقات دو??ان ڪيو. هن چيو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ۾ پولينڊ جي ڪمپني سان تعاون کي وڌيڪ م??تحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تجديد لاءِ پولينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ لاءِ نامزد سفير سياحت جي شعبي ۾ موجود موقعا اجاگر ڪري. نامزد سفير پاڪستان ۽ پولينڊ جي يونيورسٽين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ م??تحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيورسٽين جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار ب??تر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد سفير پولينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو تعداد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي پولينڊ ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.