گوادر – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته گوادر ۾ جاري ترقياتي م??صو??ن کي مقرر مدي ۾ پورو ڪيو وڃي، 12 لک گيلن ڏهاڙي جو ڊي سيلينيشن پلانٽ جلد مڪمل ڪيو وڃي، مقامي ابادي کي سولر پينل جي فراهمي جي لاءِ سولر پينلز جي پاڪستان ۾ تياري يقيني بڻائي وڃي، گوادر ايئرپورٽ کي ايندڙ سال جولاءِ تائين مڪمل ڪيو وڃي، انٽرنيٽ جون سهولتون بهتر بڻايون وڃن. اهي هدايتون هن ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ وزيرن، مملڪتي وزيرن، خاص معاونين، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڊي سيلينيشن پلانٽ تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو، ان کانسواءِ پاڻي جي طلب، سپلائي، ڊيمز جي موجوده صورتحال تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني ??ئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گوادر ۾ پاڻي جي موجوده طلب 3.4 ملين گيلنز پر ڊي ۽ سپلائي 9 ملين گيلن پر ڊي آهي جڏهن ته گوادر پورٽ اٿارٽي تي 1.2 ملين گيلن پر ڊي جي پلانٽ کانپوءِ ان جي مجموعي صلاحيت 1.5 ملين گيلن پر ڊي ٿي ويندي، ان سان گڏوگڏ 9 ننڍا موبائيل پلانٽ پڻ لڳايا ويندا جنهن کانپوءِ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۾ مدد ملندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايران کان 100 ميگاواٽ جي فراهمي کانپوءِ گوادر ۾ مجموعي طور تي بجلي جي فراهمي 170 ميگاواٽ تائين پهچي ويندي جڏهن ته هن وقت بجلي جي طلب رڳو 70 ميگاواٽ آهي. سولر پينلز جي فراهمي ۽ آف گرڊ م??صو??ن سان مقامي سطح تي بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي، ايران کان مڪران جي ٽرانسميشن لائين 6 مهينن جڏهن ته نيشنل گرڊ کان وڌيڪ 100 ميگاواٽ جي فراهمي جي لاءِ ٽرانسميشن لائين ڊسمبر 2022ع تائين مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس کي نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي تعميراتي ڪم جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعطم چيو ته پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي جي م??صو??ن ۾ ڪنهن به قسم جو وڌيڪ تعطل قبول نه آهي. هن هدايت ڪئي ته گوادر ۾ 12 لک گيلن ڏهاڙي جو ڊي سيلينيشن پلانٽ جلد مڪمل ڪيو وڃي، پاڻي جي گهر گهر فراهمي جي لاءِ پائيپ لائينز جي نظام کي فوري طور تي بهتر ڪيو وڃي، م??صو??ن ۾ تعطل ۽ مجرماڻي غفلت ڪندڙن جي نشاندهي جي لاءِ فوري انڪوائري ڪرائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته 62 ميگاواٽ جي سولر م??صو??ي جي حوالي سان ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪئي وڃي، سولر م??صو??ي ۽ مقامي آبادي کي سولر پينلز فراهم ڪرڻ جي م??صو??ي لاءِ سولر پينلز جي پاڪستان ۾ تياري يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته گوادر ۾ بجلي جي بيس لوڊ جي فراهمي سان گڏوگڏ ايندڙ سالن ۾ بجلي جي طلب ۾ اضافي ۽ سپلائي جي لاءِ ٺوس م??صو??و ٺاهي پيش ڪن، گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي تڪميل جولاءِ 2022ع تائين يقيني بڻائي وڃي، تربت ۽ ڪوئيٽا جي هوائي اڏن تي عالمي اڏامن کي بحال ڪيو وڃي ۽ ڀاڙن ۾ گهٽتائي آندي وڃي، پوري بلوچستان ۾ آف گرڊ بجلي جي م??صو??ن جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي. هن هدايت ڪئي ته گوادر ۾ انٽرنيٽ جي سهولت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. گوادر بندرگاهه تي ڊريجنگ کي جلد شروع ڪيو وڃي ۽ بريڪ واٽر جي حوالي سان عملي قدم کنيا وڃن، گوادر ۽ اسپتال جي تڪميل ڊسمبر بدران سيپٽمبر ۾ يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ڪئي ته گوادر جي سمورن پيڙهيل 16523 خاندا??ن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي، هڪ هفتي کانپوءِ انهن سمورن قدمن تي اجلاس ۾ اڳڀرائي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.