ملتان – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري دفاعي تجزيه نگار ۽ تعليمي ماهر پروفيسر علي سخن ور چيو آهي ته ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جو خات??و ڪري ڪشمير جي حوالي سان سڄي خطي جي صو??تح??ل کي عدم استحڪام جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جا تمام وڏا منفي اثر پوندا. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. 1989ع کان وٺي هيستائين ڀارتي فوجين هڪ لک ڪشميرين کي قتل ڪيو، 7 هزار کان وڌ??ڪ ماڻهن کي حراست دوران ماريو ويو، 11 هزار کان وڌ??ڪ عورتن کي بي حرمتي جو نشانو بڻايو ويو جڏهن ته 11 لک کان وڌ??ڪ ٻارن کي يتيم ۽ اٽڪل 23 هزار عورتن کي بيواهه ڪيو. هن چيو ته عالمي برادري ان بدترين صو??تح??ل جو نوٽيس وٺي ته جيئن ڪشميرين جي آزادي جو خواب پورو ٿي سگهي.