سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قائد حريت ۽ تحريڪ آزادي ڪشمير جي علامت سيد علي گيلاني سدائين ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي ??ڪالت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني سڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام ??ي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڪيترين ئي تقريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ڪشميرين کي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ته اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا ??اڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي چاهين ٿا جيڪو ڪڏهن ڀارت جو حصو ناهي رهيو.