اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، دنيا کي ڀارت جي غير??ان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 27 آڪٽوبر جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. 1947ع ۾ ان ڏينهن ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي غير??ان??ني، غيراخلاقي ۽ زبردستي قبضو ڪيو هو، هي ڏينهن ڪشميرين جي بي مثال حوصلي ۽ بهادري جو واضح ثبوت آهي، ??يڪ?? انهن گذريل 75 سالن دوران ڀارتي قابض فوج جو ڄمي مقابلو ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستاني عوام ڪشميرين کي زبردست خراج تحسين پي?? ڪري ٿي ۽ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهن جو عزم ڪري ٿي. دنيا کي ڀارت جي غير??ان??ني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين تي اکيون بند نه ڪرڻ گهرجن ??يڪ?? هڪ وڏو فوجي علائقو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته ڪشميري عو??م جي آزادي جي خواهش کي وڌيڪ دير ت??ئين دٻائي نه ٿو سگهجي.