اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته حڪومت ا??م ايل ون ?? ڪراچي سرڪلر ريلوي من??وب?? کي شروع ڪرڻ ۾ پرعزم آهي. ا??م ايل ون پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي وڏا اقتصادي اثر ڇڏيند??. ه?? اهڙو اظهار پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئ??. ملاقات ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي من??وب?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ??. ملاقات ۾ سي پيڪ تحت جاري من??وب?? تي ڳالهيون ٿيون جيڪي وزيراعظم شهباز شريف جي هاڻوڪي چين واري دوري دوران پيش ڪيا ويندا. انهن من??وب?? تي ا??م او يو ايس صحيحيون ٿينديون. ان موقعي تي وفاقي وزير سي پيڪ جي ڪيترن ئي من??وب?? جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ته حڪومت انهن من??وب?? خاص طور تي ا??م ايل ون ?? ڪراچي سرڪلر ريلوي ڪي سي آر من??وب?? کي شروع ڪرڻ تي پرعزم آهي. وفاقي وزير ا??م ايل ون ۽ ڪي سي آر من??وب?? جي اهميت تي روشني وڌي جيڪي هڪ اسٽريٽجڪ پروجيڪٽس سمجهيا وڃن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ سموريون ڪارروائيون مڪمل ڪيون ويون آهن، جن ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي منظوري پڻ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته ا??م ايل ون سان پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي معيشت تي اقتصادي اثر پوندا. وفاقي وزير مختلف شعبن جهڙوڪ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، ثقافت ۽ ٻين ڪيترن ئي من??وب?? جي اهميت تي زور ڀريو. جيڪي پهرين نومبر تي وزيراعظم جي چين جي دوري دوران اٿاريا ويندا ۽ مختلف من??وب?? تي ا??م او يو ايس صحيحيون ٿينديون. چيني سفير حڪومت خاص ڪري منصوبابندي ، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پنهنجي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.