شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تر تعاون ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه جرمني جي چانسلر اولاف شولز سان ماحولياتي سربراهه اجلاس ڪوپ – 27 جي موقعي تي ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو ۽ تعاون کي وڌائڻ جي امڪانن تي غور ڪيو. ملاقات دوران گڏي?? دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم جرمن عوام جي عزم کي ساراهيندي جرمني سان واپار، سيڙپڪاري، ماحولياتي تبديلي ۽ قابل تجديد توانائي سميت گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ??اڪ??تا?? جي نوجوان آبادي مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ??اڪ??تان ۽ جرمني کي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي موقعا ڏيڻ جي لاءِ وسيع تعاون ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم جرمني پاران ??اڪ??تان کي سالن کان ڏني ويندڙ فني تربيت تي ٿورا مڃيندي ڄاڻ جي مٽ??سٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. هن يورپي يونين ۾ جي ايس پي پلس حيثيت جي لاءِ حمايت تي جرمني جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ملڪ?? جي لاءِ فائديمند آهي. وزيراعظم چيو ته حدت جو سبب بڻجندڙ گئس?? جي اخراج ۾ گهٽ کان گهٽ ڪردار هجڻ جي باوجود ??اڪ??تان ماحولياتي تبديلي جي نتيجي ۾ ايندڙ قدرتي آفتن کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هن ??اڪ??تان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ايندڙ تازي ٻوڏ کانپوءِ جرمني پاران ??اڪ??تا?? جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيندي جرمن چانسلر کي حڪومت جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماحولياتي تبديلي?? جي مسئلي خاص طور تي ڪلائميٽ جسٽس ۽ انهن تبديلي?? جي نتيجي ۾ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوپ – 27 کي دليراڻا فيصلا ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم خطي جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته ??اڪ??تان جرمني سميت غيرملڪي حڪومت?? جي درخواست تي افغانستان مان انخلا جي لاءِ سهولت فراهم ڪندو رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي صورتحال جي ڏس ۾ عالمي برادري جي افغان عبوري حڪومت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه انتهائي اهميت رکندڙ آهي. جرمن چانسلر افغانستان ۾ نمائنده حڪومت ۽ انساني حق?? جي احترام جي پنهنجي موقف کي ورجايو. وزيراعظم جرمن چانسلر جو ڌيان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير طرف ڇڪرائيندي چيو ته ا?? جي نتيجي ۾ علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي.