اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و آهي ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي چڪو آهي، عالمي برادر?? پاڪستان جي لاءِ 8.57 ارب ڊالر جو اعلان ڪ??و آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چ??و ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير بابت جنيوا ڪانفرنس جي پهرين مرحلي ۾ يورپي يونين 93 ملين ڊالر، جرمني 88 ملين ڊالر، چين 100 ملين ڊالر، اسلامي ترقياتي بئنڪ 4.2 ارب ڊالر، عالمي بئنڪ 2 ارب ڊالر، جاپان 77 ملين ڊالر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ 1.5 ارب ڊالر، يو ايس ايڊ 100 ملين ڊالر ۽ فرانس 345 ملين ڊالر جو واعدو ڪ??و آهي. جنيوا ڪانفرنس جو ٻيو سيشن جلد شروع ٿيڻ وڃي ره??و آهي.