ڪولمبو – 03 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن ??اري مملڪتي وزير حنا رباني کر جمعي ڏينهن سريلنڪا جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گادي واري شهر ڪولمبو پهتي. سريلنڪا جي سياحت واري وزير ڊيانا گيميج، پاڪستان جي سريلنڪا ۾ هاءِ ڪمشنر ميجر جنرل (ر) عمر فاروق برقي ?? هاءِ ڪميشن جي ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن ??اري مملڪتي وزير سريلنڪا جي ٻن ڏينهن جي دوري دوران سريلنڪا جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي ۾ خ??ص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ هو پنهنجي هم منصب سميت سريلنڪا جي قيادت سان ملاقات ڪندي.