اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن مشعال مل?? واضح ڪيو آهي ته ڪشمير جي غيرتمند ??وا?? سمورين مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي باوجود ڀارتي غلامي مان ڇوٽڪاري تائين ڀارت جي هٽلر جي خلاف پنهنجي آزادي جي تحريڪ جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس ۾ ڪشميري ??وا?? سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ منعقد تصويري نمائش جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي ياسين ملڪ جي ڌيءَ رضيه سلطانه ۽ پيس اينڊ ڪلچر آرگنائيزيشن جو سيڪريٽري جنرل سبين حسين ملڪ پڻ موجود هئا. مشعال حسين ملڪ چيو ته فنڪار ۽ مصور پنهنجي قلم، برش ۽ نظمن کي استعمال ۾ آڻي دنيا کي والاريل واديءَ جي المناڪ صورتحال کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. تصويري نمائش والاريل ڪشمير جي ماڻهن تي ڀارتي فوج جي بربريت ۽ ڀارتي ظلم سڄ?? دنيا آڏو آڻڻ جو اهم ذريعو آهي. مشعال ملڪ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي، رياستي ڏاڍ ۽ مودي سرڪار جي ڪڌي حربن کي سڄ?? دنيا آڏو بي نقاب ڪرڻ تمام اهم آهي. هن چيو ته ياسين ملڪ سميت سينيئر حريت اڳواڻ حراست هيٺ آهن ۽ انهن کي انهن جي ب??يادي ۽ قانوني حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. هن چيو ته نريندر مودي جي سرپرستي ۾ هندوتوا حڪومت فسطائي حربن کي استعمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان والاريل واديءَ کي هڪ سب جيل ۾ تبديل ڪرڻ ۽ گذريل 7 ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. مشعال حسين ملڪ چيو ته آرٽ جو ڪشميري ??وا?? جي جدوجهد جي اظهار ۾ اهم ڪردار آهي ڇو ته آرٽ ڪشمير مسئلي جي ڏک ۽ درد کي ب??ان ڪري هر ڪنهن جي دلين تائين پهچائي سگهي ٿو. هن چيو ته اين سي اي جو دل ۾ هڪ خاص مقام آهي ۽ هوءَ سدائين انهن جي تقريبن جو حصو بڻجي حوصلا افزائي ۽ اعزاز محسوس ڪري ٿي. هن چيو ته وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربي?? واري وزارت ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهم منعقد ڪئي. هن خاص طور تي ڪشمير ڪاز کي سامهون آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي اين سي اي جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته نوجوانن کي ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کان آگاهه ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته فاشسٽ مودي حڪومت ڀارتي غاصباڻي قبضي تح?? والاريل ڪشمير تي مسلسل ظلم جاري رکيو آهي ۽ ڏ??هاري طريقن سان ڊيموگرافي پڻ تبديل ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان ڪشمير جي حمايت جاري رکندو، ڪشميرين جي انساني ۽ سياسي حقن جي تحفظ جو واعدو پورو ڪنداسين. هن چيو ته گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته ڪشمير کي پنهنجي قراردادن موجب آزادي ڏياري ۽ ان تڪرار کي ڪشميرين جي امنگن موجب جلد کان جلد حل ڪرائي. هن نمائش ۾ موجود فن پارن کي ساراهيو ۽ ان نمائش منعقد ڪرڻ تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مرتضيٰ جعفري جا ٿورا مڃيا. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مرتضيٰ جعفري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربي?? واري وفاقي وزير راڻا تنوير ۽ ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ جي اڳواڻ محمد ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال حسين ملڪ جو استقبال ڪيو.