اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف ۽ ملڪ جي مستقبل پنهنجي نوجوانن کي ”يوٿ پروگرام“ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سال 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي، ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن جي باوجود به نوجوانن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهي لاءِ يوٿ پروگ??ام ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. ”يوٿ وين“ جي موقعي تي نوجوانن جي لاءِ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 2011ع ۾ پنجاب مان ج??هن پروگ??ام جي شروعات ڪئي هئي، 2013ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد نواز شريف ان پروگ??ام کي سڄي ملڪ ۾ پهچائي ڇڏيو، اهو انقلابي پروگ??ام نوجوانن جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي، ا??هن جي تعليم، هنرمندي، صحت ۽ روزگار ??ان ئي پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي. وزيراعظم ان موقعي تي اهو اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي ج??هن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون، محنتي ۽ هوشيار ٻارن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا، ٻين اسڪيمن ذريعي نوجوانن جي حوصلا افزائي جاري رهندي. هن چيو ته ا??ان جي ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهي ويزن تحت ا??ان يوٿ پروگ??ام شروع ڪيو هو، پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ ٺاهيو ويو هو، ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي وئي هئي، نوجوانن کابنيا وياج ۽ آ??ان شرطن تي قرض فراهم ڪيا ويا، وسيلن کان محروم ذهين شاگردن کي وظيفا ڏنا، ٻاهرئين ملڪ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا، اڄ اهي قوم جا قابل فرز??د ۽ ڌيئرون مختلف شعبن ۾ ڪاميابين جي نئين بلندين تائ??ن پهچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هو اهڙي وقت تي ملڪ جي وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز ٿيو جڏهن ملڪ کي شديد معاشي بحران درپيش هو، ٻوڏ مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پر ا??هن سمورين مشڪلاتن ۾ به نوجوانن کي ا??ان نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته اهي ا??ان جي ملڪ جو مستقبل آهن، انهي لاءِ يوٿ پروگ??ام ٻيهر شروع ڪيو ويو، وسيلن ۽ ان جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو ۽ زراعت سميت ٻيا شعبا ان پروگ??ام ۾ شامل ڪيا ويا، بنا وياج ۽ آ??ان شرطن تي نوجوانن کي وسيلا ڏيڻ جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته جيئن نوجوان روزگار جي ذريعي پنهنجي خاندان جو سهارو بڻجن ۽ ا??هن جو بار گهٽ ڪري سگهجي، ملڪ جي ترقي ۾ عملي ڪردار ادا ڪن.