اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي ترقي ۽ حقن جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ب??ائ?? جي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، پ??ڪستان جي 50 سيڪڙو آبادي کي پيداواري افرادي قوت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ عورتن جي ما??ي شموليت لازمي آهي، عورتن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ۾ مدد ڪرڻ انهن کي بااختيار ب??ائ?? جو تيز ترين رستو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آءِ ٽي اسٽارٽ اپس بابت ”بزنيٽ 2023ع“ جي عنوان سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن سميت ٻين گهٽ نمائندگي وارن گروهن کي ما??ي طور تي بااختيار ب??ائ?? ملڪ جي ترقي جي لاءِ اهم آهي. صدر تنظيمن ۽ ڪمپنين جي سطح تي صنفي برابري تي زور ڏيندي چيو ته اهي مرڪزي ڌارا ۽ قائداڻي ڪردارن ۾ پنهنجي نمائندگي کي يقيني بڻائين، ڊيجيٽل دور ۾ ٽيڪنالاجي ڪنهن به ڪاروبار جي پيداواري صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته آءِ ٽي سان لاڳاپيل اسٽارٽ اپس ۾ عورتن جي شموليت سان انهن کي پنهنجي گهرن ما?? روزگار ڪمائڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي. هن زور ڏنو ته عورتن کي پنهنجي ما??ي معاملن تي اختيار رکڻ جي لاءِ بئنڪ اڪائونٽ هولڊر بڻجڻ جي ترغيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نشاندهي ڪئي ته اسلام عورتن جي لاءِ جيڪي حق بيان ڪيا آهن انهن جي باوجود ثقافت ۽ هراسان ڪرڻ انهن جي آزادي ۾ ٻه اهم رڪاوٽون آهن. هن چيو ته معاشري جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهي عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪري ۽ انهن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ثقافت کي يقيني بڻائي انهن جي لاءِ مثبت انداز اختيار ڪن. صدر ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ميڊيڪل ڪاليجن ما?? فارغ ٿيندڙ عورتن ما?? 50 سيڪڙو شادي کانپوءِ پنهنجو ڪيريئر ڇڏي ڏين ٿيون جيڪو هڪ باصلاحيت افرادي قوت جو وڏو نقصان آهي. هن والدين، مڙسن ۽ عورت ڊاڪٽرن کي مشورو ڏنو ته اهي پيشيواراڻي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ ۾ ليڊر ڊاڪٽرن جي حوصلا افزائي ڪن. هن چيو ته مذهب ۽ ملڪي قانون ٻئي عورتن جي وراثت جي حق جي حمايت ڪن ٿا جڏهن ته معاشري جون برائيون اڪثر معاملن ۾ ان ۾ رڪاوٽ آهن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عورتن کي ڪاروباري قرضن جي آڇ ڪئي وئي جڏهن ته ان ما?? رڳو 5 سيڪڙو ان ما?? فائدو کنيو. هن چيو ته عورت پارليام??نٽ??ينز ۽ ٻين ناليوارين عورتن تي اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي صنفي برابري کي يقيني ب??ائ?? جي لاءِ پيغام کي موثر طريقي سان پهچائين. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي پڻ معيشت جي مختلف شعبن ۾ عورتن جي ڪردار کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. جرمني جي فريڊرڪ نومن فائونڊيشن جي ڪنٽري هيڊ برجٽ لام ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته سندس تنظيم پاڪستان ۾ عورتن سميت ماڻهن کي ڪاروباري سرگرمين کي باوقار طريقي سان شامل ڪرڻ ۾ انهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ”ٽرانسفارمنگ حب“ جي سي اي او ۽ وومين بزنس نيٽ ورڪ جي باني افتخار حسين چيو ته بزنيٽ جو مقصد وڏي ڪاروباري ادارن، ما??ياتي ادارن، پ??ليسي سازن ۽ ڪامياب اسٽارٽ اپس کي هڪ ئي ڇت جي هيٺ آڻڻ آهي ته جيئن معيشت جي تيز رفتار ترقي جي لاءِ انتهائي ضروري تعاون کي شروع ڪري سگهجي. انٽر لوپ اسٽارٽ اپ جي چيف سسٽين ايبلٽي آفيسر فريال صادق ڪاروبار ۾ برابري کي يقيني ب??ائ?? جي لاءِ عورتن کي فني مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. ان کان اڳ صدر مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون.