اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي ??فير مهمت پڪاچي پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيه?? وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي گهرا ڀائراڻا عوامي لاڳاپ?? آهن، ٻئي ملڪ هر مشڪل گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهي?? آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران ترڪيه پاران معاونت ساراهه جوڳي آهي. ترڪيه جي ??فير زلزلي دوران پاڪستان پاران بهترين تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفن ۽ گهڻ رخي فورمز ۾ تعاون جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته ٻنهي ملڪن واپار، سيڙپڪاري، دفاع، علائقائي تعاون، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي ??والي سان گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.