اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت عوامي صحت جي ??هولتن جي وڌندڙ طلب کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سستي ۽ پهچ جوڳي سهولتن تي ڌيان ڏيندي پنهنجي ??اندار قدمن جي ??ريعي ملڪ ۾ خصوصي طبي ۽ مشاورتي سهولتن جي فراهمي جي ??والي سان نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت پاران وگادي گادي واري شهر ۾ آٽزم سينٽر جو قيام، دماغي صحت جي هيلپ لائين ۽ زندگي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ پروگرام جي ??روعات ۽ قيدين کي طبي تعليم حاصل ڪرڻ جي ??جازت سميت جيڪي قدم کنيا ويا آهن، اهي قدم انهن جي وڌيڪ برابري ۽ جديد صحت جي ??ارسنڀال جي نظام جي ??وڙجڪ سميت وسيع تر عزم جو اظهار اهي. صحت جي ??عبي ۾ سرنديءَ وارن جي ??عاون جي ??وصلا افزائي جي لاءِ وزيراعظم تازو ئي لاهور ۾ 600 بسترن تي ٻڌل انڊس اسپتال جو افتتاح ڪيو ۽ سرنديءَ وارن تي زور ڏنو ته اهي صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي ا??ن ۽ غريب ۽ مستحق ماڻهن جي ??ڪليفن جي ??اتمي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. هن لاهور ۾ ڇهه ماڙ ۽ 350 بسترن تي ٻڌل سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اها سهولت عالمي معيار جي ??لاج جي ??هولتن سان گڏ بيمار انسانيت جي ??دمت ڪندي. شهباز شريف وڏي وزير طور پنهنجي ??ور ۾ صوبي ۾ مختلف اسپتالون ٺاهيون ۽ اپ گريڊ ڪيو. ترڪ حڪومت پاران مظفر ڳڙهه ۾ 250 بسترن تي ٻڌل جديد ترين رجب طيب اردوان اسپتال 2010ع جي ٻوڏ دوران قائم ڪئي وئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف اسپتال جي ??فتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جو وڏو وزير هوندي هن 20 ارب رپيا گڏ ڪري پنجاب انڊومنٽ فنڊ کي فعال ڪيو ۽ ان فنڊ سان وڏي انگ ۾ يتيم ٻارن جي ڪفالت ڪئي جنهن کي بدقسمتي سان گذريل حڪومت بند ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هن يقين ڏياريو ته سندس حڪومت انڊومنٽ فنڊ ۽ سي ايم سيلف ايمپلائمنٽ اسڪيم سميت اهڙين سمورين عوام دوست اسڪيمن کي بحال ڪندي. مسلم ليگ (ن) جي ??ڪومت 20 ارب جي لاڳت سان پي ڪي ايل آئي اسپتال پڻ ٺاهي هئي جنهن تي اڳوڻي حڪومت سياست ڪئي هئي جنهن سان تمام گهڻو نقصان ٿيو. سڄي پنجاب ۾ هيپاٽائيٽس فلٽر سينٽرز ٺاهيا ويا جتي سڄي ملڪ مان مريض علاج جي لاءِ ايندا هئا. مهانگائي جي ??تايل عوام جي لاءِ دوائون سستيون ڪرڻ ۽ انهن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ 20 دوائن جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي ڪئي. اڪثر دوائن جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو تناسب 30 سيڪڙو رهيو ۽ 54 ٻين دوائن جون قيمتون پڻ مقرر ڪيون ويون. وزيراعظم تازو ئي شهرين جي ??هني صحت ۽ تندرستي جي لاءِ ”همراز“ ذهني صحت ايپلي ڪيشن ۽ ٺوس هيلپ لائين 1166 جي ??روعات ڪئي. شهري جيڪڏهن ڊپريشن، ٽينشن يا ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهن ته 1166 تي مفت ڪال ڪري نفسياتي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن سان مشورو ڪري سگهن ٿا. موجوده حڪومت عام ماڻهن جي لاءِ وزيراعظم نيشنل سي پي آر (ڪارڊيو پلمونري ريسوسي ايشن) پروگرام شروع ڪيو ته جيئن دل جو دورو پوڻ جر صورت ۾ مريض جي ??ندگي بچائي سگهجي. حڪومت تازو ئي وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻارن جي لاءِ نيشنل آٽزم اينڊ مينٽل هيلٿ سينٽر قائم ڪيو آهي جيڪو ملڪ ۾ اهڙي طرح جي پهرين اعليٰ معيار جي ??هولت آهي. پهرين مرحلي ۾ اهو سينٽر او پي ڊي ۾ تشخيصي ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪندو. صحت جي ??رابر تعليمي نظام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن (پي ايم سي) کي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي ??يندڙ داخلا ٽيسٽ ۾ نوجوان قيدين کي شامل ڪرڻ جي لاءِ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. حڪومت وفاقي گادي واري شهر ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ ڪڊني ٽرانسپلانٽ سينٽر قائم ڪري رهي آهي ۽ ان سهولت کي فعال بڻائڻ جي لاءِ ناليواري رينل ۽ ليور ٽرانسپلانٽ سرجنز کي پڻ شامل ڪندي. صحت واري وفاقي وزارت صوبن سان گڏجي پاڪستان ۾ تمباڪو نوشي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن کي موثر بڻائڻ جي لاءِ قومي تمباڪو ڪنٽرول پاليسي تيار ڪئي آهي، ان پاليسي تحت تمابڪو جي هر قسم جي ??شتهارن، پروموشنز ۽ اسپانسرشپ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ 60 سيڪڙو سگريٽ جي پيڪيٽ سان گڏ ۽ ٻا??ر گرافڪ هيلٿ وارننگ تي عمل ڪيو پيو وڃي.