رديگ – 18 – مئي (??ي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مند – پشين سرحد (پا??ستان ايران سرحد) جي دوري جي لاءِ رديگ (مند تعلقو) پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي دوري دوران بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو. ٻن??ي اڳواڻ مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ ٻوٽو به پوکيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم ??ست????ر پڻ موجود هئا.