اسلام آباد – 10 مئي (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ??هي ته موسمياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ ۽ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي تبديلي ۾ سراسري اضافو ٿي رهيو ??هي پر عالمي رد عمل سستي جو شڪار آهي، جنهن سبب مستقبل ۾ مشڪلاتون وڌي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ ٽئين سيش?? کي خطاب ڪندي ڪيو. ان سيشن ۾ موسمياتي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته تازي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ جو نقشو بدلائي ڇڏيو، گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان موسمياتي تبديلين جي زد ۾ رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي?? کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جو گرمي پد مسلسل ٽن سالن کان شدت اختيار ڪندو رهيو، هن چيو ته پاڪستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ ۽ موسمياتي تبديلين جي حوالي سان عالمي ذميواري جي حوالي سان گهڻ رخي فريم ورڪ جي حوالي سان به اجلاس ٿيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان 2022ع ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ڏٺي. پاڪستان جو چوٿون حصو ٻڏي ويو، ٽي ڪرڙ 30 لک ماڻهو سڌا سنوان متاثر ٿيا ۽ پاڪستا?? کي اربين ڊالرن جو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿيو. هن چيو ته دنيا تيزي سان موسمياتي تبديلين جي وڌندڙ خطرن سان گڏ روايتي طريقن سان مقابلو نٿي ڪري سگهي، اسا?? کي گهرجي ته عالمي ادارا ۽ ملڪ گڏجي ان معاملي تي سنجيدگي سان قدم کڻن. هن چيو ته پاڪستان ”ڪاپ 27“ ۾ عالمي برادري کي اهو باور ڪرايو ته موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عالمي سطح جو فنڊ قائم ڪرڻ ضروري ??هي جنهن تحت ”لاس اينڊ ڊيميج“ فنڊ قائم ڪيو ويو جيڪو غريب ملڪ?? کي قدرتي آفت?? کي منهن ڏيڻ لاءِ مالي مدد فراهم ڪندو جنهن ڪري ا?? کي فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي پارليامان?? سيڪريٽري ناز بلوچ ، نيشنل ٽاسڪ فورس ايس ڊي جيز ، ايم اين اي رومينه خورشيد عالم، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر عمران حسين، اومان جي رياستي ڪائونسل جي ڊپٽي اسپيڪر شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي ۽ ٻين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماحولياتي تبديلي?? کي منهن ڏيڻ لاءِ متاثر ملڪ?? کي هڪٻئي جي مدد ڪرڻي پوندي، ماحولياتي اثر?? کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اومان جي حڪومت سرگرم آهي، پاڪستان سميت سڄي دنيا موسمياتي تبديلي جي خطر?? کي منهن ڏئي رهي آهي، اومان ۾ شمسي توانائي جا 3 وڏا منصوبا لڳايا ويا آهن جنهن سان ماحول دوستي بجلي پيدا ٿي رهي ??هي ان موقعي تي شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الهنائي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا مسئلا اومان کان مختلف آهن جنهن لاءِ ڌار قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سيش?? کي پاڪ شام پارلياماني فرينڊشپ ڪميٽي جي چيئرمين منطاهر اب??اهيم ۽ ماحولياتي تبديلي بابت سرگرم ميمبر زينب وحيد پڻ خطاب ڪيو ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيل چئلينجن بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو، سيشن ۾ ڀائراڻي ملڪن جي سفارتي نمائند، يونيورسٽين ۽ مدرسن جي شاگردن پڻ شرڪت ڪئي.