اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪا??ي ڪندي، ننڍن آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ م??اش?? ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ م??اش?? ٽيم وزيراعظم کي مالي سال 23 – 2022ع بابت اقتصادي سروي پيش ڪئي. وزيراعظم معاش?? ٽيم جي گذريل هڪ سال جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي ننڍي معاشي چئلينجز ۽ تاريخي ٻوڏ جي باوجود معاش?? ٽيم جي ملڪي معيشت جي لاءِ خد??تو?? ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪا??ي ڪندي. ننڍن آبادگارن کي اعليٰ معيار جو ٻج ۽ خودڪار زرعي مشينري سان ليس ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ننڍن آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندڙ آبادگارن کي حڪومت انعام پڻ ڏيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا ۽ ناڻي واري وزارت جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.