اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فائيو – اي فريم ورڪ پاڪستان ۾ معاشي ترقي جو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ايڪسپورٽس، اي پاڪستان، واٽر اينڊ فوڊ سيڪيورٽي، انوائرمنٽ، انرجي ۽ ايڪويٽي ٽرن ارائونڊ پاڪستان جا ٿنڀ آهن، ان فريم ورڪ جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ نئين ڪاروبارن ۽ روزگار جي حوصلا افزائي ٿيندي، تعليم، صحت جي فروغ ۽ آبادي تي ڪنٽرول سا?? پاڪستان جي ترقي جي راهه هموار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سستي ۽ بنا رڪاوٽ توانائي جي فراهمي سا?? معيشت ۽ ڪاروبار ۾ نئين تيزي ايندي، پاڻي ذخيرن ۽ غذائي تحفظ جي ذريعي ماحول بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته اي پاڪستان جي ذريعي نوجوانن کي ترقي جا موقعا ڏينداسين، انهن کي بااختيار بڻايو ويندو. هن چيو ته جي ڊي پي جي لحاظ کان فسڪل خساري جو 4.9 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.6 سيڪڙو تي اچڻ وڏي ڪاميابي آهي، اهو حڪومت جي صحيح معاشي پاليسي جو مثبت نتيجو آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو گهٽتائي صحيح معاشي پاليسي جي علامت آهي، واپاري خساري ۾ 40.4 سيڪڙو گهٽتائي معاشي قدمن جي درستگي کي ظاهر ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته واپاري خسارو 43.4 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 25.8 ارب ڊالر ??ي ويو آهي جيڪا بهترين طرف شروعات آهي. هن چيو ته درآمدات ۾ 29.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جا معاشي صورتحال تي اثر پيا، 72.3 ارب ڊالر جي مقابلي ۾ درآمدات جو 51.2 ارب ڊالر تي اچڻ معاشي بهتري طرف قدم آهي. هن چيو ته گذريل مالي سا?? جي 5 هزار 48.2 ارب رپين جي مقابلي ۾ 6210 ارب رپيا ??يڪ?? روينيو گڏ ٿيو. هلندڙ مالي سا?? جي پهرين 9 مهينن ۾ 7 لک ايف بي آر ??يڪ?? ڏيندڙن جي هدف جي مقابلي ۾ اٽڪل 9 لک 12 هزار نئين ??يڪ?? ڏيندڙن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. اهو ??يڪ?? نيٽ ۾ اضافي جو ثبوت آهي. هن چيو ته 1.15 ٽريلين رپين جي وفاقي ترقياتي بجيٽ رکڻ سا?? ملڪ ۾ معآشي سرگرميون تيز ٿينديون ۽ روزگار وڌندو.