باڪو – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو ۾ اجاري شهر (قديم باڪو شهر) جو دورو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي اجاري شهر ۾ مختلف تاريخي عمارتن ۽ ميوزيم جو دورو ڪيو. وزيراعظ?? کي اجاري شهر ۾ قديم ملتان ڪاروان سرائي ج?? پڻ دورو ڪرايو ويو، جتي قديم شاهراهه ريشم تي سفر ڪندڙ واپاري قافلا گذرندا هئا. وزيراعظ?? کي ميوزيم ۾ قديم نو??در??ت پڻ ڏيکاريون ويون.