پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چي?? جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي وچ ۾ نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي آهي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، پاڪ چي?? اقتصادي ??نگ??ه سميت معاشي تعاون جي فروغ، اعليٰ سطحي رابطا برقرار رکڻ ۽ گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال مارچ ۾ وزارت عظميٰ جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي وزيراعظم شهباز شريف سان هي پهرين ملاقات هئي. ملاقات پاڪستان ۽ چي?? جي سدابهار آزمايل ڪوآپريٽو حصيداري جي روايتي خيرسگالي ۽ پرجوش ماحول ۾ ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪ چي?? اقتصادي ??نگ??ه (سي پيڪ) سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن ۽ ٻطرفي معاشي تعاون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اهم موضوعن تي چي?? جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت، خودمختياري ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ چي?? جي پڪي ۽ مسلسل حمايت جا ٿورا مڃيندي چي?? ته ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري خطي ۾ جي – 20 جو اجلاس گهرائڻ جي چي?? پاران ڀرپور مخالفت گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانون جي بالادستي جي چي?? جي اصولي موقف جو مظهر آهي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي منفرد ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ موجود گهري ڀائراڻن جذبن تي قائم آهي جيڪا وقت ۽ حالتن جي تبديلي کان بي نياز آهي. هن چي?? ته ويجهي پاڙيسري ۽ آئرن برادر پاڪستان چي?? جي پاڙيسرين بابت سفارتڪاري ۾ خصو??ي درجو رکي ٿو. چي?? جي وزيراعظم چي?? ته چي?? پاڪستان جو اهم مفادن جي تحفظ، معاشي ترقي ۽ پاڪستان جي عوامجي خوشحالي جي لاءِ پنهنجي ڪوششون جاري رکندو. پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبن جي مستحڪم انداز ۾ ترقي جي عمل تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي طرفن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سي پيڪ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ مرڪزي اهميت رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پڪي عزم جو اظهار ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن هلندڙ سال سي پيڪ جي ڪاميابي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي رابطن جي رفتار برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چي?? جي پنهنجي هم منصب کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا وزيراعظم لي ڪي چيانگ قبول ڪري ورتي.