ڪراچي-13 جون (اي پي پي) ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيف ??يٽرولوجسٽ طوفان جي ڪراچي ۾ اثرن ۽ طوفان جي اثرن کي شهر ۾ منهن ڏيڻ لاءِ امدادي ڪمن ۽ شهرين کي رليف ??راهم ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي قدمن ۽ انتظامن بابت پي ڊي ايم اي تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي چيف ??يٽرولوجسٽ ڪمشنر کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 15، 16 ۽ 17 جون تي تيز هوائن سان تيز برسات جو امڪان آهي. خدشو آهي ته هڪ سئو ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي. بحرحال موسم جي اه?? صورتحال تبديل به ٿي سگهي ٿي.