اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏ??هي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لو?? پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏ??هي سيڪريٽري اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پرڏ??هي سيڪريٽري اي آر ايف ۽ خطي جي ملڪن سان وسيع حصيداري جي لاءِ علائقائي تعاون ۽ مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو پيش ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏ??هي سيڪريٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو انڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏ??هي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏ??هي سيڪريٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي جي پرڏ??هي وزيرن ۽ ملائيشيا ۽ برطانيا جي پرڏ??هي سيڪريٽرين سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي.