اسلام آباد – 24 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري يو??پي يونين جي پرڏيهي مع??ملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزف بوريل سان ٽي??يف??ن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) جو مدو ختم ٿيڻ تي پاڪستان جي خدشن کان آگاهه ڪندي چيو ته ان جي نتيجي ?? غذائي ناڻي واڌ ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن تي منفي اثر ڇڏيندا، جي??ي اڳ ۾ ئي مع??شي دٻاءُ جو شڪار آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير چيو ته هن ان موضوع تي پنهنجي يوڪرائني ۽ ترڪ هم منصبن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان قدم کي بحال ڪرڻ جي ڪوششون سمورين ڌرين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڳالهه ٻولهه ۽ تعميري مشغوليت جي ذريعي لاڀائتيُون ٿينديون. پرڏيهي وزير يو??پي يونين جي اعليٰ نمائندي کي درخواست ڪئي ته هو اهڙو حل ڳولڻ ۾ مدد جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري جنهن سان بي ايس جي آئي جي تجديد ممڪن ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ پاڪستان جي راضپي کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ۽ يو??پي يونين جي اعليٰ نمائندي ان مع??ملي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين مع??ملن تي رابطي ۾ رهڻ ??ي اتفاق ڪيو.