اسلام آباد- 30 جولاءِ (اي پي پي) چي?? جو نائب وزيراعظم هي لي فنگ پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهتو. هوائي اڏي تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويو، چيني ??ائب وزيراعظم جو هوائي اڏي تي گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُالله، رٿابندي ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ ٻين پاڪستاني اختيارين آجيان ڪئي. ٻن معصوم ٻارڙن کيس گل پيش ڪيا، چيني ??ائب وزيراعظم جهاز مان لهڻ کان??وء?? وفاقي وزيرن سان هٿ به ملايو. معزز مهمان جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. چيني ??ائب وزيراعظم هي لي فنگ سي پيڪ جي 10 سالن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آي?? آهي. هو پاڪستاني ??يادت سان ٻطرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. هي دورو پاڪستان ۽ چي?? وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جو حصو آهي.