اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۽ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽس ۽ قياس آرائين جي ابتڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف اڃان تائين نگران وزيراعظم جي لاءِ ڪنهن اميدوار کي چونڊيو يا رد ناهي ڪيو، نگران وزيراعظم جي مقرري آئين ۾ طئي ٿيل طريقيڪار موجب ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف موزون ترين اميدوار جي لاءِ حڪومت ۾ شامل سمورين اتحادي پارٽين سان مشاورت ۽ مسلم ليگ (ن) ج?? قائد محمد نواز شريف ??ان رهنمائي وٺندو. هن چيو ته اتحادين سان مشاورت کانپوءِ وزيراعظم ان مع??مل?? تي آئين موجب فيصلي جي لاءِ مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ڪندو.