اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئ??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ مراعاتي پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي جيڪو انهن کي بهتر خدمتون ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو، ان پئڪيج جو مقصد پاڪستان سان انهن جي شموليت کي وڌائڻ ۽ مختلف ادارن سان انهن جي رابطن کي آسان بڻائڻ آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مراعاتي پئڪيج جون نمايان خصوصيتون هي آهن، سمورن صوبن ۾ چيف سيڪريٽريز ۽ اسلام آباد ۾ چيف ڪمشنر تحت اوورسز پاڪستانين جي ملڪيتن جي مسئلن ??ي حل لاءِ هاٽ لائينز قائم ڪيون وينديون. اسلام آباد ۽ پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ملڪيت جي مئسلن کي تيز رفتار بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ مخصوص عدالتون قائم ڪيون وينديون. هن چيو ته سمورن پبلڪ سيڪٽر هائوسنگ اسڪيمن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ 10 سيڪڙو ڪوٽا رکي ويندي، جيڪڏ??ن ادائيگي غيرملڪي ڪرنسي ۽ بئنڪنگ چينل جي ذريعي ڪئي وڃي ٿي ته 5 سيڪڙو رعايت ملندي. وزيراعظم چيو ته پنجاب اوورسيز پاڪستانيز ڪميشن جي ڪامياب ماڊل کي ٻي?? سمورن صوبن ۾ پڻ نقل ڪيو ويندو، ٻاهرئ??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي سهولت لاءِ ملڪ جي سمورن عالمي هوائي اڏن تي مخوص اميگريشن ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته وڌيڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ ايوارڊز جو اعلان ڪيو ويندو. ٻاهرئ??ن ملڪ پاڪستاني مشنز ۾ ذڪر جوڳي اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ انهن جي خدمتن/ ڪاميابين جي اعتراف ۽ تعريف جي لاءِ هال آف فيم قائم ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سيونگز فار اوورسيز پاڪستانين پاران پرڪشش شرحن سان گڏ قومي بچت جون مخصوص اسڪيمون متعارف ڪرايون وينديون. ٻاهرئ??ن ملڪ سفارتخانن/ پاڪستاني مشنز ۾ نادرا ۽ پاسپورٽ جي سهولت جي ڪائونٽرز جي انگ ۾ اضافو ڪيو ويندو. بليڪ لسٽ ٿيل پاسپورٽ مقرر وقت کانپوءِ پاڻ ??ي ڊي لسٽ ٿي ويندا. پرڏيهي وزارت جي ذريعي دستاويزن جي آن لائين تصديق کي مضبوط بڻايو ويندو ۽ ان کي وڌيڪ موثر بڻايو ويندو. هن چيو ته پرڏيهي وزارت جي ڪئمپ آفيس پاڪستان انهن علائقن ۾ قائم ڪيون وينديون جتي ٻاهرئ??ن ملڪ رهندڙ پاڪستانين جو وڌيڪ انگ موجود آهي ته جيئن دستاويز وغيره جي تصديق ۾ آساني ٿئي. هن چيو ته پينشن، بئنڪ اڪائونٽس، مڪيت جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ اوورسيز پاڪستانين جي آن لائين بائيو ميٽرڪ تصدق متعارف ڪرائي ويندي. اوورسيز پاڪستانين کي شادي/ طلاق، پيدائش ۽ موت جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جي لاءِ نادرا جو نظام يونين ڪائونسلن ??ان ڳنڍيل هوندو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئ??ن ملڪ رهندر پاڪستانين جي ٻارن جي لاءِ پبلڪ سيڪٽر جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا ۽ ٻارن کي ضرورت تي ٻڌل ۽ ميرٽ تي وظيفا پڻ ڏنا ويندا.