اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان جي پهرين خلاباز عورت نميره ??ليم ملاقات ڪئي ۽ کيس 5 آڪٽوبر تي پنهنجي خلائي سفر تي روانگي بابت تيارين کان آگاهه ڪيو. نميره ??ليم خلا ۾ پاڪستاني جهنڊو بلند ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نميره ??ليم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، نگران وزيراعظم ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ??ميره ??ليم سمورين عورتن جي لاءِ رول ماڊل آهي، سندس تحقيق بابت خلائي سفر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ موجودگي جي علامت آهي، جيڪا قوم جي لاءِ ا??م ڪاميابي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ??ميره ??ليم به ا?? ڪوشش سان پاڪستان جو امن پسند ۽ ترقي پسند ملڪ جي حيثيت سان مثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته ??اڪستان جي نوجوان نسل زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري سگهي ٿي. واضح رهي ته ??ميره ??ليم پهرين پاڪستاني عورت آهي جنهن کي قطبن تي پهچڻ جو اعزاز به حاصل آهي. نميره ??ليم 21 اپريل 2007ع تي اتر قطب ۽ 8 جنوري 2008ع تي ڏکڻ قطب ۾ پاڪستان جو جهنڊو لهرائي چڪي آهي جڏهن ته ا??ندڙ مهيني هوءَ خلائي سفر تي رواني ٿي رهي آهي.