اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) ورلڊ بئنڪ چيو آهي ته 40 لک ڊالر جي لاڳت سان اينٽي گريٽيڊ فلڊ ريزيلينس ايڊاپشن منصوبي سان بلوچستان کي فائدو ٿيندو، رائز ٽو منصوبي تحت حڪومت مشڪلات سڌارا ڪيا آهن، ان پروگرام جي ورلڊ بئنڪ گروپ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کان جلد منظوري متوقع آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر نجي بينهيسن نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي تازي عهديدارن جي ڪارڪردگي کان کيس آگاهه ??يو ۽ ان سان حڪومت جي ترجيحن جي روشني ۾ رهنمائي جي گذارش ڪئي ۽ ملڪ ۾ اقتصادي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم ترقياتي قدمن تي زور ڏيندي چيو ته ڳوٺاڻي علائقن بدران شهرن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي، پاڪستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڪارڪردگي کي ساراهيُون ٿا. هن ورلڊ بئنڪ تي زور ڏنو ته اها خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن سميت بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ترقياتي عمل ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪري. نگران وزيراعظم بلوچستان ۾ ورلڊ بئنڪ جي فنڊ سان جاري بلوچستان اينٽي گريٽيڊ ورلڊ ريسورسز مئني??مي??ٽ اينڊ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ تي روشني وجهندي بلوچستان صوبي ۾ بهتر مئني??مي??ٽ کي ساراهيو. ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته بلوچستان ۾ خاص طور تي ڳوٺاڻي علائقن ۾ گهڻو ڪري وڌيڪ ڪم جي ضرو??ت آهي. هن 40 لک ڊالر جي اينٽي گريٽيڊ فلڊ ريزيليئنس پراجيڪٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان سان نه رڳو ٻوڏ کان متاٿر علائقي پر صوبي جي ڳوٺاڻي علائقن جي رهواسين کي پڻ فائدو ٿيندو. ناڻي واري نگران وزير مالياتي گنجائش کي اجاگر ڪندي چيو ته هو وزيراعظم کي بجيٽ سپورٽ پروگرام تي بريفنگ ڪري. ڪنٽري ڊائريڪٽر اعتراف ??يو ته هن نگران وزيراعظم کي آگاهه ??يو ته ورلڊ بئنڪ گروپ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز کان اهو پروگرام جلد منظور ٿي ويندو. ناڻي واري نگران وزير ڪنٽري ڊائريڪٽر کي چيو ته غيرملڪي وسيلن جي وڌ کان وڌ ورڇ ۽ ان ۾ تيزي جي لاءِ آپريشنز کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي لاءِ امڪانن جو جائزو وٺي. نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وزير عالمي بئنڪ کي چيو ته اها ترقياتي حصيدارن جي ترجيحن کي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ رهنمائي ڪري. نگران وزيراعظم 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان جي فوري مدد تي عالمي بئنڪ کي خاص طور تي ساراهيو.