لاهور – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت راندين جي سرگرمين جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان ۾ راندين جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه هن پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين ذڪاءُ اشرف سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ پي سي بي ۽ پي ٽي وي اسپورٽس جي وچ ۾ تعاون سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري ??گران و??اقي وزير چيو ته رانديون معاشري ۾ مثبت تبديليون آڻين ٿيون. هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ناظرين ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي آهي، پي ٽي وي اسپورٽس پاڪستان ۾ راندين جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري ??گران و??اقي وزير ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ پي سي بي جي ڪردار کي ساراهيو.