اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ۽ اليڪسن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي، پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، اطلاعات ۽ نشريات وار?? وزارت خيبرپختونخواه?? جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اها ڳالهه هن ??يبرپختونخواه?? جي اطلاعات واري نگران وزير بئريسٽر فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندر چونڊن، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون، صحافين جي ڀلائي سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ خيبرپختونخواه?? جي انفارميشن آفيسرن کي انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ تربيت ڏيڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير چيو ته ملازمن ۽ آفيسرن کي جديد ميڊيا جي استعمال ۽ چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيتن بابت تربيت جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اطلاعات وار?? وزارت جو دائرو جديد دور ۾ وسيع ٿي چڪو آهي، مقابلي جي هن ??ور ۾ اسان کي جديد انفارميشن سسٽم تي مڪمل پُهچ حاصل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اطلاعات وار?? وزارت خيبرپختونخواه?? جي عوامي لاڳاپن واري کاتي کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پنهنجي مينڊيٽ موجب سمورن صوبن سان بهتر ورڪنگ ماحول جي لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي چوندن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري، اليڪشن ڪميشن کي چونڊ مشق منعقد ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ به اسان جي گڏيل ذميواري آهي. نگران وفاق?? وزير چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ جرنلسٽ ويلفيئر انڊوومنٽ فنڊ رولز اهميت رکن ٿا، صحافي مشڪل حالتن ۾ فرض سرانجام ڏين ٿا، انهن ??ي ڀلائي لاءِ قدم لازمي آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران صوبائ?? وزير فيروز جمال شاهه ڪاڪاخيل چيو ته خيبرپختونخواه?? جي نوجوانن کي سوشل ميڊيا جي استعمال جي حوالي سان تربيت فراهم ڪ??ي پئي وڃي. هن چيو ته خيبرپختونخواه?? جي نگران حڪومت چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهي آهي، خوشگوار ۽ پرامن ماحول ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ ممڪن بڻائينداسين. فيروز جمال شاهه چيو ته خيبرپختونخواه?? جي نگران حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي. اطلاعات واري نگران وفاق?? وزير خيبرپختونخواه?? جي اطلاعات واري کاتي کي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو.