اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف عل??ي 8 آڪٽوبر تي زوب بلوچستان ۾ حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ص??ر ڊاڪٽر عارف عل??ي ميجر سيد عل?? رضا شاهه ۽ حوالدار نثار احمد جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت ڪئي. صدر چيو ته ميجر سيد عل?? رضا شاهه شهيد جهڙي بهادر انسان سان ماضي ۾ ملاقات منهنجي لاءِ فخر جو لمحو هو. صدر 28 سيپٽمبر تي زوب ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار عبدالستار جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهي??ن کي ??طن جي خاطر جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو، خاندانن کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.