اسلام آباد – 31 ?? آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته هر پارٽي کي چو??ڊن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪجهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا، ??لڪ ۾ معاشي استحڪام لازمي آهي، پاڪستان جي مُعاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. اها ڳالهه هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر سليم مانڊوي والا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ايندڙ چو??ڊن سميت ??لڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته چونڊون منعقد ڪرڻ جي ذميواري اليڪشن ڪميشن جي آهي، نگران حڪومت چو??ڊون منعقد ڪرڻ ۾ اليڪشن ڪميشن کي هر ممڪن معاونت ۽ سهولت فراهم ڪندي. هن چيو ته هر پارٽي کي چو??ڊن ۾ حصو وٺڻ جو پورو حق حاصل آهي، سمورين سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا ويندا. نگران وفاقي وزير چيو ته ??لڪ ۾ معاشي استحڪام انتهائي ضروري آهي، پاڪستان جي معاشي ايجنڊا کي ڪنهن به صورت ۾ متاثر نه ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا ان اميد جو اظهار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ??اع??ي موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چو??ڊون ڪرائيندي.