لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ انسٽيٽيوٽ فا?? آرٽ ا??نڊ ڪلچر جي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري پهرين تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ فار آرٽ ا??نڊ ڪلچر جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وزيراعظم کي هٿ سان ٺهيل پورٽريٽ بطور تحفو پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ هنرمند نوجوانن جي اهميت جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته مستقبل جي معمارن جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ پاڪستان حڪومت مڪمل تعاون ۽ سهولتون فراهم ڪندي رهندي. معاشري جي ترقي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ انتهائي ا??م آهي. معاشري ۾ امن، ??م آهنگي ۽ رواداري وڌائڻ جي لاءِ فنون لطيفه ۽ ثقافتي ورثي جو فروغ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن اداري جي شاگردن ک?? فارغ ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.