اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي ??الده جي ??اڏاڻي تي تعزيتي ريفرنس پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي ??يڊيا سينٽر ۾ ٿيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت، ذيلي ادارن جي آفيسرن ۽ ملازمن سمي?? سينيئر صحافين، ڪالم نگارن ۽ زندگي جي ??ختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. تعزيتي ريفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري شفقت عباس جي ??الده جي ??اڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته والده جو لاڏاڻو هڪ وڏو صدمو آهي، والدين جو ئي واحد رشتو آهي جيڪو پنهنجي ??ارن جي ترقي، صحتمند زندگي ۽ خوشحالي جي ??اءِ ڏينهن رات دعائون ڏين ٿا. هن چيو ته ڏک جي ??ن گهڙيءَ ۾ اسان سڀ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. مقررين چيو ته بزرگن جي ڇانوَ برڪت جو سبب هوندي آهي، والده جو لاڏاڻو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي ڇو ته ان جي زندگي سدائين اسان جي خواهشن کي پورو ڪرڻ ۾ گذري وڃي ٿي. والده جي جدائي جي انتهائي ڏکويل موقعي تي صبر ڪرڻ ئي وقت جي گهرج آهي. ناليواري شاعر ۽ صحافي سيد رضا علي ڪاظمي پيغمبر خدا حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي شان ۾ نعت رسول مقبول ﷺ ۽ ماءُ جي عظمت تي خوبصورت ڪلام پيش ڪيو. آخر ۾ حافظ طاهر خليل مرحومه جي ايصال ثواب، درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي ??اءِ صبر جميل جي خصوصي دعا ڪرائي.