اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ?? انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي قابض فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ?? انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري رکيون آهن، آڪٽوبر ۾ قابض فوج 17 ڪشميرين کي ??هيد ۽ 10 کي ??خمي ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه سئو کان وڌيڪ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران گهرن کي ??باهه ۽ 78 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اهي ڪارروايون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران والاريل ڪشمير ?? قابض فوج پاران انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي عڪاسي ڪن ٿيون. ترجمان چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته انساني حقن جي مقامي حالتون ۽ انساني قانون جون منظم خلاف ورزيون ناقابل تصور سانحن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ?? اهڙي طرح جي سانحي کي ??وڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجو غيرقانوني قبضو ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرار??اد?? تي عملدرآمد ڪري جيڪي ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق کي ??سليم ڪن ٿيون.