اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بنيادي ص??ت جي سهولتن تي هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو جي ان تائين پهچ يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت واري عالمي اداري ??ي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر پليٿا ماهي پالا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجُود هئا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ص??ت جي عالمي اداري ۽ ٻين حصيدارن جا پاڪستان جي صحت واري شعبي ۾ سڌارن ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ص??ت جي عالمي اداري پاران سڄي پاڪستان سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ص??ت جي عالمي اداري جي عطيو ??يل موبائيل صحت اسپتالن ۽ ايمبولينسز سان بنيادي ص??ت جون سهولتون عام ماڻهو جي گهرن جي درن تائين پهچايون وينديون. ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين بنيادي ص??ت جون سهولتون پهچائڻ جي لاءِ موبائيل هيلٿ يونٽ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته بنيادي ص??ت جون سهولتون هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان ??ي پهچ يقيني بڻائيندي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 464 ص??ت جي بنيادي مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي ميگا پراجيڪٽ تي ڪم ايندڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته موبائيل هيلٿ يونٽ نه رڳو ماڻهن کي علاج جون بنيادي سهولتون فراهم ڪندو پر ڊيجيٽل نظام تحت اهو ص??ت جي يونٽ جي مرڪزي نظام سان ڳنڍيل هوندو ۽ مريضن کي وڏين اسپتالن ۾ ريفر به ڪري سگهندا. بعد ۾ نگران وزيراعظم ص??ت جي عالمي اداري ۽ قومي صحت واري وزارت جي وچ ۾ ليٽر آف انڊراسٽينڊنگ تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگران وزيراعظم ص??ت جي عالمي اداري پاران عطيو ??يل 5 ايمبولينسز، هڪ موبائيل ڪلينڪ ۽ 2 ويڪسينيشن وينز جو پڻ جائزو ورتو.