اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسم?? جي ادائيگي ۽ مقدس ??اي?? جي زيارت دوران هر قسم جُون سهولتُون فراهم ڪيُون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اها هدايت سک ياترين کي پاڪستان پاران فراهم ڪئي ويندڙ ويزا سهولت?? جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي سڄي سال ۾ منعقد ٿيندڙ سک?? جي مختلف ڏڻن، سک ياتري?? جي ويزائن ۽ انهن کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم چيو ته پنهنجي مذهب جي مقدس ??اي?? جي زيارت ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا مان آيل سک ياتري اسان جا مهمان آهن. هن هدايت ڪئي ته سک ياترين کي پنهنجي مذهبي رسم?? جي ادائيگي ۽ مقدس ??اي?? جي زيارت دوران هر قسم جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته سک ياترين کي ويزا جي فراهمي جي عمل کي وڌيڪ تيز ۽ شفاف بڻايو وڃي، ڪرتاپور ۾ سک ياترين کي عالمي معيار جي سهولت?? جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اجلاس کي گهرو وزارت پاران سک ياترين کي ميسر ويزا سهولتن، ويزا حاصل ڪرڻ ۾ گهربل مدي، ڪ??تا??پور لنگهه جي انتظامي معاملن ۽ سک?? جي سالي??ني ڏڻن تي تفصيلي بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم ڪرتاپور لنگهه جي ذريعي ۽ ٻين ملڪن مان زيارت جي لاءِ آيل سک ياترين کي وڌيڪ ۽ بهتر سهولت?? جي فراهمي جي لاءِ هڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙي پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.