اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرستن جي سالياني م??اس??ا ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن تي حملن جي منع جو معاهدو ٻين ڳالهين سان گڏ اهو فراهم ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ هر ڪئلينڊر سال جي پهرين جنوري تي ??نهنجي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن بابت هڪ ٻئي کي آگاهه ڪندا. بيان موجب ان معاهدي تي 31 ڊسمبر 1988ع تي ??حي??ون ڪيون ويون ۽ اهو معاهدو 27 جنوري 1991ع تي ??اڳو ٿيو. معاهدي جي آرٽيڪل II موجب پاڪستان ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست ??اضابطا طور سومر ڏينهن پرڏيهي ??زا??ت ۾ اسلام آباد ۾ ڀارتي ??ائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي وئي. ان سان گڏ ئي ڀارتي ??رڏيهي ??زا??ت ڀارت جي ائٽمي ٺڪاڻن ۽ فيسيلي ٽيشن جي فهرست پڻ نئين دهلي ۾ پاڪستاني هائي ڪميشن جي نمائندي جي حوالي ڪئي. معاهدي تحت ٻئي ملڪ پهرين جنوري 1992ع کان فهرستن جي م??اس??ا ڪري رهيا آهن.